ٻاويهه سؤ ٻاويهه (ڪتاب)

ٻاويهه سؤ ٻاويهه (ڪتاب)

ٻاويهه سؤ ٻاويهه

ٻاويهه سؤ ٻاويهه (ڪتاب ):هيءُ محب وطن سياستدان ۽ اديب قاضي فيض محمد جو ناول آهي، جيڪو سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي. هن ناول جو پهريون ڇاپو 1979ع ۾ ڇپيو ۽ هن ڊيمي سائيز جي 310 صفحن تي مشتمل ناول جي قيمت 20 رپيا رکيل آهي. قاضي صاحب جو هيءُ ٻيو نمبر ناول آهي. هن کان اڳ 1952ع ۾ سندس ناول ”جنسار“ شايع ٿيو هو. قاضي صاحب هيءُ ناول لنڊن ۾ لکيو. هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن سنڌ ۽ ان جي غريب ماروئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضيءَ جو هيءُ خواب سڄيءَ انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي. هيءُ ناول، سنڌي ٻوليءَ جي ’سائنس فڪشن‘ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ناول ۾ مستقبل ۾ متوقع سائنسي ترقيءَ ۽ اُن ۾ سنڌ جي حيثيت بيان ڪئي وئي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو